اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمر??ن خان نه جهڪندو نه وڪامجندو، وزيراعظم عمر??ن خان بليڪ ميل نه ٿيندو، منهن موڙيندڙ ميمبرن جي لاءِ پيغام آهي ته هي ڇانگا مانگا جو دور ناهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمر??ن خان ڪنهن سان ٺاهه نه ڪندو، ڄمي بيٺل آهي ڪپتان، معاشري جي اند?? ماڻهو ڏسي رهيا آهن ته ڪير حق ۽ ڪير باطل سان گڏ بيٺل آهي، توهان کي سڀاڻي ماڻهن کي جواب ڏيڻو پوندو، منهن موڙيندڙ ميمبر واپس پنهنجي گهر اچي وڃن، فرخ حبيب چيو ته توهان وٽ موقعو آهي نيلام گهر کان واپس نڪرو، مخالف ڌر پنهنجا سمورا پتا ظاهر ڪري ڇڏيا، اسان وٽ ??يترائي پتا ۽ آخري ڪارڊ موجود آهي.