اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان گهٽ لاڳت جي هائوسنگ منصوبن جي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ طريقيڪار کي بهتر ۽ آسان بڻائڻ لاءِ قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 1.4 ٽريلين روپيا ماليت جي 70000 کان وڌيڪ هائوسنگ پروجيڪٽس جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن سان تعميراتي صنعت تي مجموعي طور تي 7.3 ٽريلين روپين جو اثر پوندو ۽ 12 لک نوڪريون پيدا ٿينديون، هي پي ٽي آء?? حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي ته ڪل 80000 درخواستن مان 130 ارب ر??پين جي 35420 درخواستن کي منظور ڪيو ويو آهي، هن وقت تائين 13407 درخواستون ڏيندڙن کي مجموعي طور تي 46 ارب ر??پيا فراهم ڪيا ويا آهن. هو اسلام آباد ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت اين سي سي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، وزي??اع??م چيو ته هفتيوار 7 ارب ر??پين جون درخواستون ملي رهيون آهن جنهن مان 4 ارب ر??پيا منظور ۽ 2 ارب ر??پيا هر هفتي ورهايا پيا وڃن جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جوڙيل نظام موثر طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي. پي ٽي آء?? حڪومت گهٽ ۽ وچولي آمدني واري طبقي کي گهٽ قيمت گهرن جي فراهمي جي حوالي سان تمام وڏو سنگ ميل حاصل ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت جو سڀ کان وڏو چئلينج مالياتي دارن کي اشرافيه واري سوچ کي تبديل ڪرڻ ۽ عام ماڻهن کي قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ هو، وزي??اع??م چيو ته منظور ٿيل ۽ ورهايل قرضن جي انگن اکرن ۾ 36 لک ماليت جي سراسري قرض ظاهر ڪري ٿو ته سبسڊي وارن قرضن جو سڀ کان وڌيڪ فائده وچولي ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي آهي، هن چيو ته حڪومت جي آخري ٽن سالن ۾ هائوسنگ فنانس ۾ 148 ??يڪ??و اضافو ۽ ڊسمبر 2022ع تائين 517 ارب ر??پين جي متوقع منظوري حڪومت پاران گهٽ لاڳت هائوسنگ ۽ تعميراتي صنعت کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي عڪاسي ڪري ٿي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي منشور موجب حڪومت اسان جي جي ڊي پي جي مقابلي ۾ هائوسنگ فنانس ۾ هر سال هڪ ??يڪ??و جو اضافو ڪرڻ جي طرف ۾ اڳتي وڌي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن طبقن کي گهرن جي تعمير ۽ فراهمي ۾ تيزي ايندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهٽ لاڳت جي گهرن لاءِ هڪ پائيدار ايڪو سسٽم تيار ۽ ان تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي جنهن سان اهو شعبو تيزي سان ترقي جي قابل ٿيو آهي، فور ڪلوزر قانون کي ان جي روح موجب لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ سبسڊي مارڪ اپ (محض 2??يڪ??و) سان ڊگهي مدي واري (20 سالن تائين) قرض ڏنا پيا وڃن، ان کانسواءِ گهٽ آمدني وارن هائوسنگ اسڪيمن جي لاءِ 300،000 روپين جي لاڳت جي سبسڊي ۽ 90 ??يڪ??و ٽيڪس ڇوٽ جي نتيجي ۾ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ٿي آهي، جيڪي اسڪيمن تحت هائوسنگ يونٽس جي تعمير ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيو آهي، انهن منصوبن ۾ اربن، پيري اربن، اربن ري جنريشن، حڪومتي مالي مدد سان هلندڙ ۽ نجي شعبي جا منصوبا شامل آهن، اجلاس کي درخواست جي وصولي ۽ ڪارروائي جي شفاف ۽ خودڪار طريقيڪار جي باري ۾ به ٻڌايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ضرورتمند گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن طبقن کي سهولت ڏني وئي آهي، اهي ترقياتي ادارن طرفان پاڻمرادو ايپليڪيشن ٽريڪنگ سسٽم سان گڏ ون ونڊو ڊجيٽل پورٽل جي ترقي سان يقيني بڻايو پيو وڃي، اجلاس کي 2018ع کانپوءِ هن وقت تائين گهٽ لاڳت گهرن جي تعميراتي سرگرمين بابت مجموعي انگن اکرن کان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي 161،924 گهٽ لاڳت جي هائوسنگ يونٽس جي منظوري ڏني وئي، جنهن مان 45191 يونٽس تعمير هيٺ آهن ۽ 20898 يونٽس مڪمل ٿي چڪا آهن، ياد رهي ته پي ٽي آء?? حڪومت پاران سبسڊيز، فور ڪلوزر قانون ۽ گهٽ لاڳت هائوسنگ اسڪيمن کان اڳ اهو شعبو تباهي جو شڪار هو، حڪومتي مالي مدد سان هلندڙ گهٽ لاڳت جي هائوسنگ پراجيڪٽس جي تفصيلن موجب فراش ٽائون ۾ 4000 يونٽس، ايل ڊي اي سٽي ۾ 4000 يونٽس، جلوئي ۾ 1320 يونٽس، راءِ ونڊ ۾ 245 يونٽس، سرگوڌا ۽ چنيوٽ ۾ 324 يونٽس ۽ انگوري روڊ ۾ 1800 يونٽس تي ڪم جاري آهي جيڪو 2022ع جي پڄاڻي کان پهرين مڪمل ٿي ويندا، اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته فڪسڊ ٽيڪس ريجيم تحت ايف بي آر پورٽل تي 627 ارب ر??پين جا ڪل 2507 منصوبا رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن جنهن جو معيشت تي 3.135 ٽريلين روپين جو اثر پيو آهي، اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت ترين، چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزي??اع??م جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، اين اي پي ايڇ ڊي اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، آر يو ڊي اي جو چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عمران امين ۽ پنجاب ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽرين کانسواءِ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.