اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چي?? آهي ته نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاث?? آهن ۽ روشن مستقبل آهن، اس??ن تي الله جو ڪرم آهي ته اسان جي آبادي جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پن??نجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”نيشنل ايڪسپوزر وزٽ آف ينگ پيس ايڪٽيوسٽ“ جي پراجيڪٽ تحت پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪندڙ سڄي ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوانن تي مشتمل آبادي سان نوازي?? آهي تنهن ڪري ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ??وجوانن جو بنيادي هدف ۽ اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن چيو ته هڪجهڙو تعليمي نصاب نوجوانن جي ذهنن ۾ هڪجهڙن نظرين جي اوسر جي راهه هموار ڪندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته نظم ۽ ضبط ۽ محنت زندگي ۾ هدفن کي حاصل ڪرڻ ??اءِ اهم عمل آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن ترقي ۽ خوشحالي جو ويزن رکي ٿو ۽ سندس ويزن علامه محمد اقبال ۽ قائداعظم محمدعلي جناح جي خواب کي عملي جامو پارائڻ آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي خود مختيار بڻائڻ هو. هن چيو ت?? هي ملڪ ٻه قومي نطريي تي قائم ٿيو هو ۽ ان جو بنيادي مقصد هڪ اهڙي رياست جو قيام هو جتي مسلمان پن??نجي عقيدت ۽ رسم رواج موجب زندگي گذاري سگهن ۽ اسلام جي حقيقي سڃاڻپ کي دنيا ۾ اجاگر ڪري سگهن، هن چيو ته اسلام امن، سلامتي ۽ انصاف جو مذهب آهي.