اسلام آب??د – 13 جنوري (اي پي پي) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪي ناظم الامور اينجيلا ايگلر ملاقات ??ئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي ??فصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ خاص طور تي ??فغانستان جي صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي ??ه ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي ??رمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته افغانستا?? کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري جي فوري ڪوششن جي ضرورت آ??ي، ان موقعي اينجيلا ايگلر خطي ۾ قيام امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪوشش?? کي ساراهيو.