اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين گڏيل مفادن جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ جا امڪان موجود آهن. وزيراعظم عمران خان سان ناروي جي سفير پرالبرٽ الساس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ??اڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستاني ڄاوا ناروي جا ??هو??سي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جي حثيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ??نهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ ٻين گڏيل مفادن جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ جا امڪان موجود آهن. ناروي جي موبائيل فون ڪمپني ٽيلي نار جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته ??نهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا وڌي رهيا آهن، ناروي جي سفير وزيراعظم عمران خان کي ناروي جي عوام پاران مبارڪباد پ??ش ڪئي، هن وزيراعظم کي اسلامي تعاون تنظيم ڪائونسل جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس جي ڪاميابي سان انعقاد تي ته ??بارڪباد ڏني، وزيراعظم ناروي جي وزيراعظم کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.