اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) پاڪستا?? ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جعلي مقابلن ۽ نام نهاد ”ڪريڪ ڊائون ۽ گهر گهر تلاشي“ ڪاررواي?? جي ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ بي پناهه ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميري?? جي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ انساني حق?? جي سنگين خلاف ور??ين جي لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائڻ ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ??ورسز پاران عدالت کان مٿانهين قتل جي شديد مذمت ڪندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڀارتي ??ابض فوج 35 بي گناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو جڏهن ته سرينگر ۾ 24 نومبر تي هڪ جعلي مقابلي ۾ وڌيڪ ٽن ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي، ترجمان چيو ته ڀارتي ??ابض فوج ڪشميري?? جي خلاف سنگين ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي جنهن ۾ جبري گمشدگيون، ٽارگيٽ ۽ عدالت کان مٿانهون قتل ۽ آبادي کي اجتماعي سزائون ڏيڻ شامل آهي. والاريل ڪشمير ۾ بي شرمي سان جاري ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ وحشياڻي طاقت جي استعمال سان ڪشميري عوام کي پنهنجي خودمختياري جي نڇڏ حق لاءِ جدوجهد کان روڪي نٿا سگهن. ترجمان چيو ته هن سال سيپتمبر ۾ پاڪستان پارا?? ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ??ابض فوج پاران انساني حق?? جي سنگين خلاف ور??ين ۽ انسانيت جي خلاف ڏوه?? جي ناقابل ترديد ثبوتن بابت جامع ڊوزيئر عالمي برادري کي پيش ڪيو ويو آهي، پاڪستان عالمي برادري کي مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم ڪشميري?? جي انساني حق?? جي سنگين خلاف ور??ين لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائي، والاريل علائقي ۾ بگڙجندڙ صورتحال خطي ۾ امن ۽ سلامتي ??اءِ خطرو آهي، پاڪستان عالمي برادري تي به زور ڏنو ته هو گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.