ڪابل – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي چيو آهي ته پاڪستان، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري م??ڪن سان گڏجي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعيري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن ڪابل ۾ افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند سان ملاقات ۾ چئي. افغان عبوري ح??ومت جو پرڏيهي وزير امير خان متقي به ان موقعي تي م??جود هو، جڏهن ته وزيراعظم جو افغانستان بابت خصوصي نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير منصور احمد خان، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ افغان عوام کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغانستان جي عبوري ح??ومت جي وزيراعظم ملا حسن آخوند پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قر??شي ۽ پاڪستاني وفد جو ڪابل اچڻ تي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ انساني بنيادن تي افغان ڀائرن جي لاءِ مدد جي پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان سان ٻطرفي واپار وڌائڻ جو خواهشمند آهي. افغان شهرين خاص طور تي واپارين لاءِ ويزا سهولتون، نوان بارڊر پوائنٽس جاري ڪرڻ ۽ چرپر ۾ سهولت جي فراهمي انهي سلسلي جون ڪڙيون آهن. شاهه محمود قر??شي چيو ته پاڪستان، افغانستان جي ويجهي پاڙيسري م??ڪن سان گڏجي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، افغان حڪومت جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند انساني امداد ??ي وقت سر فراهمي تي پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.