اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دوست ملڪن سان معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ت??او?? کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرغزاستان جي نامزد سفير توتوئيف الان بيڪ اسنڪولوچ، قازقستان جي نامزد سفير يرجان ڪستافين، آذربائيجان جي نامزد سفير خضر فرهادوف، ٿائيلينڊ جي نامزد سفير چڪريد ??رچ??ئيونگ ۽ نائجيريا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ابيوئي محمد بيلو سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ س??ڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ان کان اڳ نامزد سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنر هڪ تقريب ۾ صدر کي پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي نئين ”جيو اڪنامڪ“ پاليسي تحت دوست ملڪن سان ڪاروبار ۽ واپاري ت??او?? جي فروغ کي خاص اهميت ??ي ٿو، پاڪستان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفي ت??او?? کي وڌيڪ سگهه ڏئي رابطن ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. صدر چيو ته پاڪستان منفرد جيو اقتصادي حيثيت رکندڙ ملڪ آهي، خطي جا ملڪ ٽرانسپورٽ، واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جي شعبن ۾ پاڪستان ۾ موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته علائقائي معاشي انضمام سان پوري خطي جي واڌويجهه ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد ملندي، دوست ملڪن سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستهڪم ڪرڻ جي لاءِ ٻطرفي سياسي مشاورتي، گڏيل وزارتي ۽ بين الهڪومتي ڪميشنز جهڙي اداراجاتي سطح جا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر دوست ملڪن سان بطرفي ت??او?? جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪستان سان سياسي، معاشي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.