اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي پاڻي تحفظ جي پاليسين جا بهترين ثمر سامهون ??چي رهيا آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت جي قدمن کي ساراهيو جن جي ڪري لاهور ۾ زمين هيٺ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ جو عمل 1980ع کانپوءِ هاڻي رڪج?? ويو آهي. وزيراعظم چيو ته اهو ان لاءِ ممڪن ٿيو جو پنجاب حڪومت پاڻي جي ري سائيڪلنگ جي پاليسي ايڪو فرچارجرز، زمين هيٺ پاڻي جا ذخيرا، ٽائيمي?? ويل پمپنگ ۽ ٻيا ٽارگيٽيڊ قدم کنيا آهن.