اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، مڊل مين جي ڪ??دار جو تدارڪ ۽ آبادگارن کي سستي اگهه تي ڀاڻ ۽ ٻج جي فراهمي سان آبادگار خوشحال ٿيندو ۽ زرعي پيداوار وڌندي جڏهن ته پنجاب جي وڏ?? وزير عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته ايندڙ بجيٽ عوام ۽ آبادگار دوست هوندي. پنجاب جي وڏ?? وزير عثمان بوزدار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب ۾ جاري ميگاپروجيڪٽس ۽ ايندڙ بجيٽ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ملڪي معيشت ۾ زراعت ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، پارلي??مي??ٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي زراعت ڪميٽي قائم ڪئي وئي.