اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل ا??يمبلي جي صدر ولڪن بوزڪر ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جهڙن اهم تڪرارن، افعان امن عمل، ڏوهن، بدعنواني ۽ رشوت جي آمدني جي غير قانوني منتقلي، پائيدار ترقي ۽ ڪووڊ – 19 وبا جي ڏس ۾ اقتصادي بحالي جي ڪوششن بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان فلسطين مسئلي تي گڏيل قومن جي جنرل ا??يمبلي جي خصوصي اجلاس گهرائڻ جي جنرل ا??يمبلي جي صدر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته ج??گ بندي جي اعلان کانپوءِ امن عمل جي بحالي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ رياستي ويزن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ ڊگهي حل لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي ۽ ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل قومن تحت عالمي تعاون وڌائڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي مدد لاءِ قرض ۾ رليف، اقتصادي بحالي جي ڪوششن ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ولڪن بوز وزيراعظم کي اهم عالمي سيا??ي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل لاءِ جنرل ا??يمبلي جي پنهنجي صدارت جي مدي دوران ڪيل مختلف قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو.