اسلام آباد ?? 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئي?? سر جاچ جو گهرجائو آهي، جيڪو طريقو حديبيه ۾ پئسا ٻاهر موڪلڻ جي لاءِ استعمال ٿيو انهي کي بعد ۾ هر ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو، ان ڪيس کي ا??جام ت??ئين پهچائڻ تمام گهڻو لازمي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم عمران خان کي قانوني ٽيم شهباز شريف جي ڪيسن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني آهي. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئي?? سر جاچ جو گهرجائو آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي جاچ نئي?? سري سان شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.