اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اد??رن جو احترام ضروري آهي، اد??رن کانسواءِ نظام قائم ناهي رهندو، انهي لاءِ چئون ٿا ته سوچي ڳالهايو ۽ ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا توريو، زرداري صاحب (ن) ليگ کي فوج ياد ڪرائي ڇڏي آهي. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مفتاح اسماعيل جي هڪ بيان جو ح??ال?? ڏيندي چيو ته مفتاح اسماعيل چئي رهيو آهي ته رڪارڊ فوج جي نگراني ۾ رکيو وڃي، زرداري صاحب (ن) ليگ کي فوج ياد ڪرائي ڇڏي آهي، انهي لاءِ چئون ٿا ته سوچي ڳالهايو ۽ ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا توريو، اد??رن جو احترام ضروري ان لاءِ به آهي ته اد??رن کانسواءِ نظام قائم ناهي رهندو ۽ ملڪن کي اد??رن جي ضرورت هوندي آهي.