اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا وائرس سبب 98 فوتگيون ٿيون جنهن مان 31 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪ??ل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلا??ن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 329 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪ??وڊ – 19 جي ??ريضن جي تناسب جي ??حاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪ??و، لاهور ۾ 75 سيڪ??و، گجرانوالا ۾ 84 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 58 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪ??رونا جي ??ثبت ڪيسن جي تناسب جي ??حاظ کان پشاور ۾ 83 سيڪ??و، سوات ۾ 63 سيڪ??و، گجرات ۾ 73 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 هزار 816 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 411، پنجاب ۾ 21 هزار 325، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 198، اسلام آباد ۾ 8 هزار 292، بلوچستان ۾ هڪ هزار 816، گلگت بلتستان ۾ 474، آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 65 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 23 هزار 399 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ??اءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪ??ويڊ 19 جا 467 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 66 هزار 994 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 5 هزار 517 آهي.