اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) سيني??ر شبلي فراز چيو آهي ته بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان تي اشرافيه ۽ ايليٽ گروپ قابض رهيا ج??هن جي ڪري خطي ۾ اسان جو ملڪ پوئتي رهجي ويو، 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان مٿي وڃي رهيو هو پر ان کانپوءِ اهڙيون حڪومتون آيون ج??هن ادارن کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو، ??ان??ن جي عملداري ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن هوندي آهي، ??ان??ن جي حڪمراني ۽ انصاف ??ان??واءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، پاڪستان ۾ امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار ??ان??ن آهي، وزيراعظم عمران خان جو ڪو به ذاتي ڪاروبار ناهي، هو ملڪ کي ان رخ طرف وٺي وڃي رهيو آهي ج??هن جو خواب 1940ع ۾ اسان جي ڏاهن ڏٺو هو، 70 سال جي بگاڙ کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، ت??هن هوندي به پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي مشن ۾ هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، مريم نواز ڪڌا حربا استعمال ڪري احتساب کان نٿي بچي سگهي، کيس گهرجي ته هو ??ان??ن جو احترام ڪري ۽ سوالن جا جواب ڏي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ کي ماڻهو نه پر ادارا هلائيندا آهن، ماضي جي حڪمرانن ادارن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري کين ڪمزورڪيو ۽ ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ا??تدار ۾ اچي عوام ۽ مڪ جي خدمت بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني ج??هن جي ڪري اسان جو ملڪ پوئتي هلي ويو، شبلي فراز چيو ته ج??هن ملڪ جو وزيراعظم ۽ وزير ڪاروبار ڪندا آهن ا??و ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، وزيراعظم عمران خان جو ڪو ذاتي ڪاروبار نه آهي، ان جي ولوله انگيز قيادت ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ ۾ ??ان??ن جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته اڳوڻين حڪومتن خالي خزاني ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڇڏي ويون هيون، ا??هن ماڻهن عوام کي صحت، تعليم جي بنيادي ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ بدران ا??ڙا منصوبا لڳايا ج??هن مان ا??هن ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن حاصل ڪيا، موجوده حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي ج??هن سان هيومن ڊولپمينٽ ٿي سگهي ته جئين هر ڪو ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي،