اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊجيٽل نظام سان ضروري شين جي قيمتن جي نگراني ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملندي، ان نظام سان فيصلي سازي جي عمل ۾ شفافيت جو عنصر نمايان ٿيندو، حڪومت ڪورونا وبا جي دوران غريب ۽ مزدور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي مسلسل ڌيان ڏنو، پوري دنيا اسان جي قدمن ??ي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان شماريات بيورو طرفان ناڻي واڌ جي شرح کي ن??ر ۾ رکندي فيصلا سازي جي ن??ام ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن تي بريفنگ جي سلسلي ۾ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وف??قي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وف??قي وزير اسد عمر، صنعت وارو وف??قي وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق د??ئود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.