اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڊينمارڪ فوسل فيولز تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪچري مان توانائي پيدا ڪرڻ ۽ ڪچري کي موثر طور تي ٺڪاڻي لڳائڻ جي لاءِ تجربن مان فائدو کڻڻ تي اتفاق ڪيو آه??. ان سلسلي ۾ ڊينمارڪ جي سفير ليس رو??ن هوم هتي پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئر??ين سليم ايڇ مانڊوي والا سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ?? اضافي جي امڪانن جو جائزو ورتو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئر??ين اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏنو ڇو ته هن وقت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپو گهربل سطح تي نه آه??، هن سفير کي چيو ته ڊينمارڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ متوجهه ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ کيس پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ هر ممڪن مدد فرا??م ڪئي ويندي، ڊينمارڪ جي سفير ڊپٽي چيئر??ين جي خيالن سان اتفاق ڪندي چيو ته پارلياماني وفدن جي ٻه طرفي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آه??.