اسلام آباد – 19 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا پاڪستان جي ڪورونا وائرس جي وبا کي منه?? ڏيڻ جي حڪمت عملي جي واکاڻ ڪري رهي آهي، قوم کي انهي ع??م سان ان وبا جو مقاب??و ڪرڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل جاري رکڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجا پيارا پاڪستانيو توهان غريبن جي سارسنڀال ڪئي، الله کان دعائون گهريون ۽ هاڻي دنيا توهان جي واکاڻ ڪري رهي آهي ?? ان عالمگير وبا کي منه?? ڏيڻ لاءِ پاڪستاني قوم جي قدمن جو اعتراف ڪري رهي آهي، هن چيو ته هڪ اڀرندڙ قوم سان تعلق هجڻ جي ڪري ڪو به توهان کي توهان جي حقيقي عظمت کي حاصل ڪرڻ کان روڪي نٿو سگهي