اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريا?? واري وزارت کي هدايتون ڏنيون آهن ته م??ڊي?? کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جلد مڪمل ڪئي وڃي، م??ڊي?? کي صنعت جو درجو ملڻ کانپوءِ ٽيڪس رليف سميت هر سطح تي آسانيون ۽ مراعتون ملي سگهنديون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ م??ڊي?? کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي، ڪميٽي ايوان ۾ حذف ٿيل سينيٽر نعمان وزير جي لفظن جي خبر شايع ڪرڻ تي جنگ م??ڊي?? گروپ کي وضاحت پيش ڪرڻ جي لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي، پيمرا کي هدايت ڪئي ته سياسي قيادت جي ڪردار ڪشي ۽ جعلي خبرن جي حوالي سان هيستائين ڪيل ڪارروائي بابت تفصيلي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريا?? وارو سيڪريٽري اڪ??ر حسين دراني، پي آءِ او شاهيرا شاهد سميت اطلاعات ۽ نشريا?? واري وزارت جي ذيلي ادارن جا عملدار به موجود هئا.