اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪس??ان آذربائيجان سان سياحت، واپار، دفاع ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان لاءِ نامزد پ??ڪس??اني سفير بلال حئي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ه??ي ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر چيو ته پ??ڪس??ان آذربائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو?? پ??ڪس??ان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ گهرا معاشي، سياسي، دفاعي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، هن چيو ته پ??ڪس??ان آذربائيجان سان سياحت، واپار، دفاع ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، هن چيو ته ڪورونا وائرس دوران آذربائيجان طرفان پاڪتسان کي امداد فراهم ڪرڻ تي ٿو??ائتا آهيون.