لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چوڌري محم?? سرور سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ حڪومتي م??ام??ن سميت ٻين ايشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر حڪومتي قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي سينيٽر شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن ۽ ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ حالتن سميت ٻين ايشوز بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران پنجاب جي گورنر چوڌري محم?? سرور حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته تحري?? انصاف جي حڪومت نه ??ڳو پاڪستان کي معاشي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياري رهي آهي پر عوام کي به هر شعبي ۾ وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته احساس پروگ??ام جهڙا منصوبا حڪومت جي عوام دوستي جو واضح ثبوت آهي.