اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، بين الافغان ڳالهين تي راضپو ۽ ڳالهين واري ٽيمن جو اعلان خوش آئنده آهي، انهن ڳالهين سان افغانستان ۾ مستقل ۽ پائيدار ام?? جي راهه ??موار ٿيندي. اها ڳالهه ??ن افغان امن عمل بابت آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خطي جي صورتحال، افغان امن عمل جي حوالي سان خاص طور تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغان مفاهمتي عمل بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيندڙ دهشتگردي جي حملي تي پرڏيهي وزير سان افسوس جو اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وقت سر ڪارروائي ۽ جوان?? جي مثالي جرئت کي ساراهيو.