اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جي باوجود کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بدران اضافي جي رجحان تي ڳڻت?? جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته هن ان خواهش جو پڻ اظهار ڪيو آهي ته وڏا وزير ۽ چيف سيڪريٽريز ان معاملي ??ي ذا??ي طور تي ڏسن. وزيراعظم عمران خان پاران وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ۽ نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي کي چيو وي?? آهي ته ان ڳالهه جو ڪو منطق نه آهي ته جڏهن تازو ئي ڪڻڪ جي واڍيءَ ٿي آهي، اهڙي صورت ۾ اٽ?? جون قيمتون ڪيئن وڌي وي??ن.