اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪري دنيا ۾ تبديليون آيون آهن ۽ اڳتي ڪاروبار جا طريقيڪار بلڪل مختلف هوندا، مشڪل وقت ۾ نوان موقعا پيدا ٿيندا جنهن ۾ پاڪس??ان جي لاءِ مقامي مينوفيڪچرنگ کي فروغ ڏيڻ ۽ ميڪ ان پاڪس??ان پاليسي کي اختيار ڪرڻ جو سنهري موقعو آهي.