اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان چين جي سفير يائو جنگ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کا??سواءِ خطي، علائقائي ۽ عالمي نوعيت جي اهم ??عا??لن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي چين جي سفير يڪجهتي جو اظهار ڪندي چين جي حڪومت طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ڪورونا وائرس سبب درپيش مسئلي تي چين پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، سينيٽ چيئرمين چين جي ماهرن جي وفد جي تازي دوري کي انتهائي مفيد قرار ڏن?? ۽ چيو ته ماهرن ۽ ميڊيڪل پروفيشنلز پاڪستان جي طبي ماهرن ۽ عملي کي پنهنجي تجربن کا?? آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تي ضابط?? آڻن ۾ مدد ملندي.