اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص ??عاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هيلٿ پروفيشنلز جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي، عوام کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ جي لاءِ تيزي سان هنگامي قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال ۾ ڪرونا وائر?? جي مريضن لاءِ قائم آئسوليشن روم?? جو دورو ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.