لاهور – 21 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا جي واپارين ۽ سيڙپڪارن تي زور ڏنو آهي ته ا??ي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن ڇو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ملڪ بڻجي چڪو آهي ملڪ ايشيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شال ٿي چڪو آهي، تازا عالمي انگ اکر ان ڳالهه جا عڪاس آهن، پاڪستان ۽ چين خطي ۾ مستقل امن ۽ معاشي ت??قي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ سي پيڪ به ا?? سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي، موجوده حڪومت ماحوليات، گلوبل وارمنگ، تعليم، خطي ۾ امن قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. هو ايڪسپو سينٽر ۾ ٻ?? ڏينهن واري پنجين چائنا ايگرو ڪيميڪل پاڪستان سمٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.