اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2030ع تائين ملڪ مان ٽي بي جي خاتمي جو هدف پورو ڪرڻ جي لا??ِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ بيمارين بابت آگاهي وڌي رهي آهي، ٽي بي جي مرض جي وقت سر تشخيص سان علاج م??ڪن ۽ زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، ميڊيا آگاهي مهم ۾ هڪومتي ڪوششن جو ڀرپور ساٿ ڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٽي بي جي خاتمي بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪي??. تقريب ۾ عالمي اد??رن جي نمائندن، پارليامينٽ ميمبرن، طبي ماهرن ۽ سفارتڪارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ٽي بي جو ماضي ۾ علاج م??جود نه هو، ٽي بي اهڙو مرض نه آهي جنهن کي لڪايو وڃي، تازي عرصي دوران صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن، پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ وڏي حد تائين ڪامياب ٿي چڪا آهيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته افغانستان ۾ به پوليو تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، غذائي کوٽ به هڪ اهم مسئلو آهي. صدر چيو ته عالمي اد??رن ٽي بي جي خاتمي لا??ِ وڏو تعاون ڪي??، صحت ڪارڊ غريبن جي لا??ِ وڏي نعمت آهي. صدر چيو ته چين ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، پاڪستان کي ڪورونا جي اثرن کان بچائڻ جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بهترين حڪمت عملي سان ڪورونا وبا تي ضابطو آندو، اميد آهي ايندڙ سالن ۾ ٽي بي جي مريضن جي انگ ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته ٽي بي جي حوالي سان آگاهي پکيڙڻ جي ضرورت آهي، بيمارين کان تحفظ بابت عوامي آگاهي جي لا??ِ سڄي ملڪ ۾ اد??را ڪوششن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن، حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بنائيندي ته عوام کي صحت جا بهتر موقعا فراهم ??يا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ بريسٽ ڪي??سر ۽ ٻين بيمارين بابت پڻ آگاهي وڌي رهي آهي، ميڊيا بريسٽ ڪي??سر آگاهي مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ماضي ۾ پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪي??سر بابت ڳالهه ڪرڻ به مشڪل هو جنهن جي ڪري عورتون ان موذي مرض جي جلد تشخيص ۽ علاج نه ڪرائي سگهنديون هيون، آگاهي مهم جي نتيجي ۾ اها صورتحال هاڻي تبديل ٿي چڪي آهي. صدر چيو ته ٽي بي بابت ملڪ جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهندڙ شهرين تائين پڻ پيغام پهچائڻ جي ضرورت آهي، ان سان وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ٽي بي جي مرض کان بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ماڻهن کي ٽي بي جي مريضن جي ذريعي آگاهي ڏيڻي پوندي، پاڪستان ۾ گذريل سال پوليو جو رڳو هڪ ڪيس سامهون آيو. صدر اميد ظاهر ڪئي ته هر سال ٽي بي جي مريضن ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته صحت ڪارڊ غربت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. قومي صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد، بلوچستان جي صحت واري وزير احسان شاهه، قومي صحت واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري محمد بشير کيتران، اد??ڪار فيصل قريشي ۽ ٻين شخصيتن پڻ تقريب کي خطاب ڪي?? ۽ ملڪ ۾ ٽي بي جي خاتمي جي لا??ِ ڪئي ويندڙ حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪي??. صدر تقريب ۾ صحت جي شعبي ۾ نمايان خدمتن تي مختلف شخصيتن کي شيلڊ ڏنيون.