اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين ??سا?? جو پراڻو دوست ??هي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، سي پيڪ تحت اربين ڊالر جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري، چي?? جي پاڪستان سان دوستي جو واضح ثبوت آهي، چيني ڪمپنيون حڪومت جي سولرائيزيشن منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سي اي او ايس ڪي هائيڊو جي سربراهي ۾ چيني ڪمپني جي ??فد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيني ڪمپني جي پاڪستان ۾ پن بجلي منصوبن ۾ ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيني ڪمپني کي حڪومت جي سولرائيزيش?? جي منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ??فد وزيراعظم کي ڪمپني پاران سولرائيزيش?? جي حوالي سان 600 ميگاواٽ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنه?? جي وزيراعظم آجيان ڪئي. چيني ??فد وزيراعظم کي ٻوڏ سٽيل?? جي بحالي لاءِ 1 لک ڊالر جو امداد چيڪ پڻ ڏنو. وزيراعظم چيني ڪمپني جي ٻوڏ سٽيل?? جي مدد جي جذبي کي ساراهيو.