اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??ڄي ??لڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي انقلابي قدم سان درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بجلي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ سان توانائي جي تحفظ جي معاملي ۾ ??لڪ پاڻڀرو ٿيندو ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪري سگهبو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ??ڪو??ت سولرائيزيشن جي منصوبي جي پهرين قدم جي طور تي اپريل 2023ع تائين سڄي ??لڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان انقلابي قدم سان توانائي جي درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي سيڪريٽرين سان ملاقات ۾ هن سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فعال قيادت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ??ن حوالي سان پوري عمل جي شفافيت، پري ڪواليفيڪيشن ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ يقيني بڻائي ويندي، اسان سرڪاري ملازمن جي محنت جو اعتراف ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ??رآمدي توانائي جي لاڳت اٽڪل 27 بلين ڊالر ساليانو آهي، ان تي دارومدار غيرپائيدار آهي. هن چيو ته ??جلي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن مان فائدو کڻڻ تي ??ڪو??ت جي ڌيان سان توانائي جي تحفظ جي معاملي ۾ ??لڪ کي پاڻڀرو بڻائڻ ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.