اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ملاقات ڪئي ??نهن ۾ ملڪ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. ملاقات ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ سردين جي اچڻ جي ڏس ۾ امدادي ع??ل جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي ع??ل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ معاشي بهتري، عوام جي رليف ۽ ترقياتي ع??ل جي حوالي سان معا??لن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.