ڪراچي-14 آڪٽوبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف (سي او اي ايس) جنرل قمر جاويد باجوه سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دؤرو ڪيو. جاري ڪيل پري?? رليز ۾ چيو ويو آهي ته سي او اي ايس ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪارروائين ۾ مصروف فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي، جيڪي نوشهروفيروز ۾ ٻوڏ مت??ثر ماڻهن ۾ طبي ۽ انتظامي سارسنڀال ۾ مصروف آهن. سي او اي ايس مقامي م??ڻهن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ کين خاطري ڪرائي ته پاڪستاني آرمي سندن مڪمل بحالي تائين پنهنجون امدادي سرگرميون جاري رکندي. بعد ۾ سي او اي ايس سنڌ جي ٻوڏ کان مت??ثر علائقن جو هوائي جائزو ورتو.ان کان اڳ ،سي او اي ايس جڏهن ڪراچي پهتو ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي ته ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد سندس آڌرڀاءُ ڪيو.