اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي لنگهه قائم ڪرڻ سميت مسلسل مدد ڪرڻ تي گڏيل عرب ام??را?? جي حڪومت جا ٿورا مڃيا آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ انساني همدردي جي بنياد تي لنگهه قائم ڪرڻ سميت ٻوڏ سٽيلن جي مسلسل مدد جي لاءِ گڏيل عرب ام??را?? جي حڪومت جا خصوصي ٿورا مڃون ٿا. وزيراعظم چيو ته آئُون يو اي اي ريڊ ڪريسن?? جا پڻ ٿورا مڃان ٿو جنهن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪ??ششن ۾ مدد جي لاءِ عطيو مهم شروع ڪئي آهي.