اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزي??اع??م شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، متاثرين جي بحالي ۽ نئين س?? تعمير جي سنگين چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا، پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل احترام، اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل لاڳاپن ۾ تعميري ۽ پائيدار رابطن جي ضرورت آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب پاڪستان جي دوري تي ايل ڪانگريس وومن شيلا جيڪسن لي جي قيادت ۾ آمريڪي وفد وزي??اع??م سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪانگريس مين ٿامس سوزي ۽ آل گرين شامل هئا. ان موقعي تي وزي??اع??م آمريڪي ڪانگريس جي وفد جي نازڪ صورتحال پاڪستان جي دوري کي ساراهيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1300 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون، ز??اع??، لائيو اسٽاڪ، ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو. هن چيو ته بحالي ۽ نئين س?? تعمير دوران سنگين چئلينجز درپيش هوندا جن جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا ۽ عزم جي ضرورت آهي، ان ڏس ۾ عالمي برادري پاران مسلسل حمايت، يڪجهتي ۽ امداد اهم آهي. وزي??اع??م پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ موجود لاڳاپن م بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري ۽ پائيدار ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪي گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل هجن. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان ڪاربن جي سڀ کان گهٽ اخراج واري ملڪن ۾ شامل هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترقي يافته ملڪن کي پ??هنجي آبهوا کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي جنهن ۾ اسرندڙ دنيا ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اڳڪٿي موجب وسيلن جي فراهمي پڻ شامل آهي. وزي??اع??م آمريڪا پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراهم ڪيل امداد کي ساراهيندي چيو ته ڪانگريس جي وفد جو پاڪستان جي دوري ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي پئماني جي حوالي سان عالمي سطح تي آگاهي وڌائڻ ۽ وڌ کان وڌ امداد کي م??حر?? ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. واضح رهي ته ڪانگريس جو ٽي رڪني وفد 4 سيپٽمبر کان پاڪستان جي دوري تي آهي. وفد ان دوران سنڌ جو دورو ڪيو ته جيئن نقصانن ۽ متاثرين جي تڪليفن جو جائزو وٺي سگهجي. وفد ان دوران اهم ڌرين سان ملاقاتون ڪيون ته جيئن متاثرين جي بحالي جي ڪوششن ۾ مدد جا طريقا ڳولي سگهجن. ڪانگريس وومين شيلا جيڪسن لي ٻوڏ متاثرين خاص طور تي پ??هنجي پ??ارن کان وڇڙي ويندڙن جي لاءِ گهري همدردي جو اظهار ڪندي وزي??اع??م شهباز شريف جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستاني قوم ان آفت کي عزم ۽ همت سان منهن ڏيندي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته آمريڪي ڪانگريس ۽ انتظاميا ان وڏي چئلينج ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندي ۽ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۽ نئين س?? تعمير ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪندي.