اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپ??ي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي ملڪ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين کي خراج تحسين پي?? ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي دفاع ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جيڪي قربانيون ڏنيون انهن جو مثال نه ٿو ملي، پوري قوم کي پاڪ فوج تي فخر آهي ۽ قوم پاڪ فوج جي انهن عظيم جوانن کي سلام پيش ڪري ٿي جن ملڪ طرف ميري اک سان ڏسندڙن جو سينو تاڻي مقابلو ڪيو ۽ ملڪ جي عزت تي ڪا آنچ اچڻ نه ڏني. دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جدا جدا پيغامن ?? اسپيڪر چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي 1965ع جي انهن عظيم شهيدن جي يا?? ڏياري ٿو جن ڀارت جي ڪڌن ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪ فوج جنهن جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو ان جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. اسپيڪر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ پاڪ فوج جي موجودگي ۾ ڪو دشمن پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي ڊپ??ي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني چيو ته دفاع جو ڏهاڙو انهن عظيم قربانين جي هڪ لازوال داستان آهي جيڪا 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فوج جي جوانن ملڪ جي لاءِ وڙهندي پيش ڪئي. هن چيو ته مستقبل ۾ به جڏهن ملڪ ت?? ڪو مشڪل وقت آيو ته پوري قوم 1965ع جي جنگ وانگر پنهنجي فوج سان گڏجي دشمن جو مقابلو ڪندي. هن 1965ع جي شهيدن کي سلام پي?? ڪندي چيو ته پنهنجي فوج جي بهادر جوانن ۽ آفيسرن تي فخر آهي.