اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ايراني وزير رستم قاسمي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ۽ ايراني وزير ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ کانسوا??ِ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايران جي وزير رستم قاسمي جي وچ ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ ايراني وزير ٻنهي ملڪن جي سرحد سان گڏ زميني رستن جي قيام کي وڌائڻ تي ??تف??ق ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايران جي وزير ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سرحد سان گڏ داخلي جي نئين رستن ۽ بازارن جي قيام جي معاملي تي پڻ اتف??ق ڪيو.