اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف ان??ور??س ڪارپوريشن کي 10 سال کان منتظر بيواهن کي ان??ور??س جي رقم جي ادائيگي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته بيواهن کي گروپ ان??ور??س جي ادائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسٽيٽ لائيف ان??ور??س ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي ته هو فائر برگيڊ ڊپارٽمينٽ ملتان جي فائر مينن جي بيواهن کي گروپ ان??ور??س ادا ڪري. تفصيل موجب مختار مائي، ??وران مائي، ??سيم مائي ۽ عذرا بي بي جا گهروارا سروس دوران لاڏاڻو ڪري ويا هئا. صدر ان ڳا??هه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته غريب بيواهن کي 10 سالن تائين ان??ور??س جي رقم ادا نه ڪئي وئي، بيواهن کي گروپ ان??ور??س جي ادائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي، اهو رويو ڪمپني جي ساک تي بدنما ڌٻو ۽ پاڪستان جي آئين جي اصولن جي خلاف آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف جي اپيل به رد ڪري ڇڏي ۽ بيواهن کي گروپ ان??ور??س جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو. هن لاڳاپيل قانونن تحت ذميوار اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بيواهن پنهنجي گهروارن جي گروپ ان??ور??س جي رقم جي لاءِ اسٽيٽ لائيف کي درخواست ڏني هئي، رقم نه ملڻ تي هن وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن ان??ور??س ڪليمز ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا، اسٽيٽ لائيف محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي هئي. اها ڳا??هه ذڪر جوڳي آهي ته گروپس ان??ور??س جي ڪٽوتي فوتي گهروارن جي پگهار مان باقاعدگي سان ڪئي ويندي هئي، رڪارڊ کان خبر پئي ته پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف ان??ور??س ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو هو. پنجاب جي سمورين مقامي حڪومتن جا ملازم معاهدي تحت گروپ ان??ور??س جا حقدار آهن. حقيقتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ صدر ڪمپني جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف جي اپيل رد ۽ بيواهن کي گروپ ان??ور??س جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي چيو ته فوت ٿيندڙ فائر مين ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ملتان جو ريگيولر ملازم هو، ملازمن سروس جي دوران بنيادي پگهار جي اسڪيلز موجب ماهوار پريميم ادا ڪيو، شڪايت ڪندڙن ان??ور??س ڪمپني جا سمورا گهربل دستاويز پڻ فراهم ڪيا. ان??ور??س ڪمپني جو موقف غلط، بي بنياد ۽ بنا جواز آهي تنهن ڪري ان کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. صدر چيو ته ڪمپني معاهدو تحت شڪايت ڪندڙن کي گروپ ان??ور??س ڪليمز ادا ڪرڻ جي پابند آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪم ڏنو ته اسٽيٽ لائيف ان??ور??س بيواهن کي انهن جي گهروارن جي ان??ور??س جي رقم ادا ڪري.