اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اس??امي دنيا جي اتحاد تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي ڏيڍ ارب آبادي جي نمائنده اداري طور اس??امي تعاون تنظيم جي مضبوط آواز ڪشمير ۽ فلسطين جي پراڻن مسئلن جي حل لاءِ انتهائي ضروري آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب وزيراعظم پاڪستان جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي پنهنجي اهم خطاب ۾ چيو ته اسان فلسطينين ۽ ڪشميرين ٻنهي کي مايوس ڪيو آهي. مون کي افسوس آهي جو اسان ڏيڍ ارب جي وڏي آواز هجڻ جي باوجود پنهنجو اثر نه وجهي سگهياسين. مسلمان ملڪن جي 57 رڪني تنظيم جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس جنهن جو عنوان ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري قائم ڪرڻ“ آهي، پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ اس??امي دنيا کي درپيش چئلينجز ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي گڏيل مقوعن تي روشني وڌي وئي. اجلاس ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري حسين براهيم طحه، اس??امي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود، چين جي اس??يٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي ۽ ٻين پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ اس??امو فوبيا، عالمي تڪرارن ۽ ??فغ??نستان، ڪشمير، فلسطين ۽ يوڪرين جي صورتحال سميت ٻين مسئلن طرف ڌيان ڇڪرايو. عمران خان چيو ته عالمي برادري ڪيترائي ڏهاڪا اڳ ڪشميرين سان اهو واعدو ڪيو هو ته اهي پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪندا. جڏهن ته هن ان ڳال??ه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت کي غيرقانوني طور تي تبديل ڪيو ويو آهي ۽ اتان جي رهواسين کي انساني حقن جي سنگين صورتحال درپيش آهي. هن چيو ته جيستائين اسان متحد نه ٿينداسين، اسان ظلم ڏسندا رهنداسين. هن چيو ته ڪشميري مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جنيوا ڪنوينشن تحت جنگي ڏوهه آهي. عمران خان خبردار ڪيو ته دنيا سرد جنگ طرف وڌي رهي آهي، ملڪ بلاڪس ۾ ورڇ ٿيڻ جا امڪان آهن. هن چيو ته جيستائين اسان اس??امي پليٽ فارم طور تي متحد نه ٿينداسين، اسان ڪٿي به نه بيهنداسين، يوڪرين جي صورتحال تي هن اهڙي طريقيڪار تي غور ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن تحت چين سان گڏوگڏ او آءِ سي ملڪ وڌندڙ تڪرارن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.