اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اف??انس??ان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، اف??انس??ان کي اڪليو نه ڇڏيو وڃي، ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪس??ان تي به پيا، ڪورونا وبا دوران پاڪس??ان حڪومت غريب عوام کي ريليف فراهم ڪيو، پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي لاءِ جاپان جي فني معاونت جي آجيان ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪس??ان ۾ مقرر جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ اف??انس??ان جي صورتحال، پاڪس??ان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪس??ان جي لاءِ جاپان جي فني معاونت سميت ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير اف??انس??ان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته اف??انس??ان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، دنيا اف??انس??ان کي اڪيلو نه ڇڏي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اشرف غني کي به اليڪشن بدران ٺوس حڪومت جو مشورو ڏنو هو پر هن اسان جي ڳالهه نه ٻڌي. هن چيو ته اف??انس??ان جو امن دنيا جي امن جي لاءِ لازمي آهي، دنيا کي اف??انس??ان ۾ امن جي ڪوششن ۾ اڳتي اچڻو پوندو. ڪورونا وبا دوران پاڪس??ان حڪومت جي حڪمت عملي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري پوري دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، پاڪس??ان حڪومت نه رڳو ڪورونا وبا جو بهتر حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو پر پنهنجي معيشت کي به مستحڪم ڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 10 سيڪڙو ترقي ٿي آهي، تعميرات، ٽيڪسٽائيل ۽ زراعت جا شعبا به ترقي طرف گامزن آهن. هن چيو ته ڪورونا وبا دوران حڪومت غريب عوام کي ريليف فراهم ڪيو، صحت ۽ احساس راشن پروگرام حڪومت جا وڏا قدم آهن جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ شروع ڪيا ويا. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري عالمي منڊي ۾ توانائي ۽ ڪموڊيٽي پرائيسز ۾ اضافي جا اثر پاڪس??ان تي به پيا، درآمدي شين جي ڪري اسان جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ به اضافو ٿيو. جاپان پاران پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪس??ان جي لاءِ فني تعاون جي آجيان ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي اسپيڪٽرم تبديل ٿي رهيو آهي، پي ٽي وي جا ٻه نيوز چينلز پي ٽي وي نيوز ۽ پي ٽي وي اسپورٽس ايڇ ڊي ڪري ڇڏيا آهن، پي ٽي وي انگلش ۽ پي ٽي وي هوم کي به ايڇ ڊي ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي جاپان جي سفير چيو ته جاپان ريڊيو پاڪس??ان ۽ پي ٽي وي کي فني معاونت فراهم ڪندو. هن چيو ته جاپان معيشت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي.