اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته انساني ب??ران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن تي پوندا، 20 سالن جي ڊگهي جنگ به افغان تڪرار جو حل نه ڪڍي سگهي، افغانستان ۾ امن پاڪستان، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، اسلامي تعاون تنظيم، او آءِ سي ڪانفرنس جو مقصد افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ارادن ۽ مقصدن جي حوالي سان، مقامي ۽ عالمي ميڊيا نمائندن کي ب??يفنگ ڏيندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان هن وقت خطرناڪ معاشي ۽ انساني ب??ران کي منهن ڏئي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي افغان صورت??ال جي حوالي سان چيو ته پاڪستان کي افغانستان جو ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي ان صورت??ال تي گهري ڳڻتي آهي. اسان پنهنجي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، تن??ن هوندي به اسان اقتصادي ترجيحن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پرامن افغانستان اسان جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته افغانستان 38 ملين ماڻهن تي مشتمل ملڪ آهي. سردي جي شدت ۾ به اضافو ٿيندو رهيو آهي، يو اين ڊي پي موجب جيڪڏهن افغانستان جي صورت??ال تي فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته 2022ع جي وچ ڌاري 97 سيڪڙو افغان غربت جي سطح کان هيٺ هليا ويندا، ورلڊ فوڊ پروگرام موجب افغانستان ۾ صرف 5 سيڪڙو افغانين کي مناسب خوراڪ دستياب آهي، هن چيو ته 11 اهم آمريڪي شخصيتن جن ۾ اڳوڻا سفير ۽ ڪمانڊر شامل آ??ن هنن گڏيل طور تي ب??ئيڊن انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ لاءِ کين اڪليو نه ڇڏيو وڃي، هي اهو ئي موقف آهي جنهن طرف پاڪستان عالمي ب??ادري کي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان جي صورت??ال تي فوري ضابطو نه آندو ويو ته گذريل 20 سالن ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششون مٽي ۾ ملي وينديون ۽ دهشتگرد گروهن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملندو. اسان عالمي ب??ادري کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ قيام امن جي اميد پيدا ٿي آهي ان موقعي کي ضايع نه ٿيڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ناطي ان انساني الميي کان بچاءُ لاءِ مسلسل آواز اٿاري رهيو آهي، هن چيو ته ڪاسا 1000، ٽرانس نيشنل ريلوي نيٽ ورڪ ۽ ٻين علائقائي نوعيت جي منصوبن جي تڪميل لاءِ افغانستان جو امن اڻٽر آهي، مون نيويارڪ ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ، بلنڪن کي افغانستان جي ابتڙ صورت??ال کان آگاهه ڪندي عالمي ب??ادري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير چيو ته اڄ دنيا اسان جي آواز تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ افغانستان جي مدد لاءِ آمادگي جو اظهار ڪري رهي آهي، عالمي ب??ادري جي افغانستان سان ڪجهه اميدون وابسته آهن جڏهن ته مون ڪابل جي دوري دوران طالبان عبوري قيادت کي انهن اميدن کان آگاهه ڪيو. انهن اميدن ۾ افغانستان ۾ بنيادي انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن جي پاسداري، دهشتگردي جي خاتمي جي خاطري، اجتماعيت جي حامل حڪومت سازي جهڙا نڪتا شامل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان افغان قيادت تي زور ڏنو ته عالمي ب??ادري جي اميدن تي پورو لهڻ انهن جي مفادن ۾ آهي، ٻي طرف اسان عالمي ب??ادري تي زور ڏنو ته ماضي جي غلطين کي نه ورجايو وڃي، پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي صورت??ال تي ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندي پئي وڃي جيڪو عالمي ب??ادري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي گهرجائو آهي. افغانستان ۾ بئنڪنگ سسٽم جي عدم دستيابي جي ڪري، افغانستن جي ٻاهر ويٺل ماڻهو، خواهش جي ب??وجود افغانستان ۾ پنهنجي پيارن جي ڪا به مدد نٿا ڪري سگهن. اڄ عالمي ب??ادري انسانيمدد لاءِ افغانستان سان انگيجمينٽ لاءِ آماده آهي، پرڏيهي وزير چيو ته مدد جي فوري ضرورت کي نظر ۾ رکندي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس جيڪو هنگامي طور تي منعقد ٿي رهيو آهي، پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان افغانستان جي جيتري ٿي سگهي مدد ڪئي آهي پر اها ذميداري پاڪستان اڪيلو ادا نٿو ڪري سگهي. اسان کي اميد آهي ته ان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس جي ذريعي اسان عالمي ب??ادري کي اصل صورت??ال کان آگاهي ڏيارڻ ۽ لکين افغان شهرين جي انساني بنيادن تي فوري امداد لاءِ لائحه عمل جي جوڙجڪ لاءِ اڳتي وڌي سگهون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني بنيادن تي لکين افغان شهرين کي انساني ب??ران کان بچائڻ لاءِ، اڳتي وڌيو وڃي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي فوري مدد نه ڪئي وئي ته انساني ب??ران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. افغانستان جي صورت??ال سان يورپي ملڪن چڱي ريت آگاهه آهن، افغانستان ۾ امن خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، ٿورڙي به غفلت پوري خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿي. پاڪستان، افغانستان بابت جيڪو به ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ڪري رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان، او آءِ سي جو بنيادي ميمبر ملڪ آهي کين اڪيلو نٿو ڇڏي سگهي، پاڪستان افغانستان جي انساني بنيادن تي مدد ڪري رهيو آهي.