اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت جي سينيئ?? عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس ج?? دورو ڪيو. اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي سينيئ?? عملدارن پرڏيهي وزير کي پارليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ج?? حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير ڪانفرنس هال، وفدن جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪائونٽر??، ميڊيڪل سينٽر، ميڊيا سينٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز ڏٺا ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي ت?? ڳالهائين??ي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ج?? ميزباني کي ت??ام وڏو اعزاز سمجهون ٿا. وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايت تي مهمان پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين وفدن جي سهولت لاءِ هر ممڪن انتظامن کي يقيني بڻايو ويو آهي.