اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) او آءِ سي ??ي پرڏيهي ??زيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي سان سندس سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان سميت خطي جي صورتحال ۽ گڏ??ل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ??زير چيو ته اسان سعودي عرب سان ٻطرفن اقتصادي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ انهن کي سياسي لاڳاپن سان هم آهنگ بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. پرڏيهي ??زير مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي معاونت تي سعودي پرڏيهي ??زير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پرڏيهي ??زيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي. هن چيو ته هڪ ٻئي پٺيان ٻن پرڏيهي ??زيرن واري ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت جي لاءِ پاڪستان جي سنجيده سوچ جي ترجماني ڪري ٿي. پاڪستان او آءِ سي کي مسلمان امت جو مستحڪم آواز سمجهي ??و، اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ پراڻن تڪرارن جي حل لاءِ او آءِ سي ??ي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي. 40 سالن تائين جنگ ۽ جدل کانپوءِ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي لاءِ خطرناڪ ٿي ??گه?? ٿا. اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي ??ي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي ??ا ٿورائتا آهيون. 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي، گڏ??ل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ موثر ڪردار ڪري ??گه?? ٿي. سعودي پرڏيهي ??زير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود او آءِ سي پرڏيهي ??زيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيندي پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.