لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سا?? پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. پنجاب جي گور??ر وزيراعظم کي برطانيا جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان برطانيا جي ڪامياب دوري تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان امن سا?? گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پنجاب جي گور??ر وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو برطانوي پ??رل??امينٽ جي اسپيڪر، وزيرن، پ??رل??امينٽ ميمبرن ۽ لارڊز سميت هڪ سئو کان وڌيڪ شخصيتن سا?? مليو ۽ سڀني افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار کي ڀرپور ساراهيو آهي. گور??ر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 کان وڌيڪ برطانوي پ??رل??امينٽ ميمبر جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته برطانوي پ??رل??امينٽ ميمبرن پاڪستان جي بلين ٽري منصوبي ۽ ڪورونا وبا دوران پاڪستاني قدمن کي پڻ ساراهيو.