اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??يڪنالاجي جي دور ۾ بيانيي جي جنگ هٿيا??ن سان وڙهي ويندڙ جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، پروپئگنڊه جو مق??بلو ڪرڻ پوري دنيا جي لاءِ وڏو چئلينج آهي، ڪجهه ملڪن ۽ گروپس پنهنجي مخالفن کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا، گڏيل قومن کي ميڊيا تي جعلي خبرن ۽ نفرت پ??يڙيندڙ مواد روڪڻ جي لاءِ فريم ورڪ تيار ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جي سفير ڪرسٽوف ال ڪاسيس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان ۽ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جعلي خبرن ۽ نفرت پ??يڙيندڙ مواد جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ??اڪستان ۽ ويٽيڪن سٽي کي هڪ ٻئي جي ثقافتي ۽ مذهبي قدرن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ??اضي ۾ رابطي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي کوٽ هئي پر هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آهي، خبرون تيزي سان پکڙجن ٿيون، پروپئگنڊه جو مق??بلو ڪرڻ پوري دنيا جي لاءِ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته حڪومتون مرڪزي ڌارا جي ميديا تي نفرت پ??يڙيندڙ مواد ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون پر ڪالعدم تنظيمن پاران سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت بين المذاهب همن آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ??اڪستان ۾ سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جون تقريبون جاري آهن. قومي ٽي وي چينل تي بابا گرو نانڪ جي زندگي ۽ تعليم تي خاص پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن. ويٽيڪن سٽي جي سفير دنيا ۾ امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف مذهبن جي پيروڪارن جي وچ ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته ??ولي سي (ويٽيڪن سٽي) پاڪستان ۾ مق??مي چرچن سان تعاون چاهي ٿو.