اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبرن طاهر اقبال، پرنس محمد نواز الائي، جاويد اقبال و??ائ?? ۽ ناصر اقبال ملاقات ڪئي ۽ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سياسي معاملن وارو خاص معاون ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هو. ان موقعي تي ايم اين اي طاهر اقبال ج?? مرحومه وا??ده جي لاءِ فاتحه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وهاڙي ۽ بٽگرام ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ رحيم ??ار خان ۾ سٽي پئڪيج سان انفراسٽرڪچر ۽ ??بپ??شي جي نظام جي بهتري لاءِ جاري منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.