اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي دوري تي آيل افغا??ست??ن جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي جُون پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سميت پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغا??ست??ن جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق، افغا??ست??ن ۾ پاڪستان جو سفير منصور احمد خان ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند اهي، پاڪستان ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغا??ست??ن ۾ گذريل 40 سالن کان جاري جنگ ۽ بدامني سبب سخت متاثر ٿيو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان گذريل چار ڏهاڪن ??ان 30 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو اچي رهيو آهي. هن چيو ته افغا??ست??ن کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ پاڪستان مسلسل عالمي برادري کان فوري امداد ۽ مثبت ڪردار جي گهرج ڪندو آيو آهي، پاڪستان محدود وسيلن جي باوجود افغان ڀائرن جي انساني معاونت، دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير ان نازڪ موڙ تي افعا??ست??ن جي اندر ۽ ٻاهر امن مخالف عنصرن تي سخت نظر رکڻ جي تاڪيد ڪئي. پرڏيهي وزير افغان وفد کي ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ شريڪ روس، چين ۽ آمريڪي نمائندن خاص طور تي افغا??ست??ن سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته افغا??ست??ن جي پاڙيسري ملڪن جي ايندڙ اجلاس ۾ افغا??ست??ن جي عبوري حڪومت جي نمائندن کي پڻ گهرايو وڃي پرڏيهي وزير افغان وفد کي پاڪستان ۽ افغا??ست??ن جي وچ ۾ واپاري رابطن، واپاري لنگهه ۾ فراهم ڪيل سهولت ۽ انساني معاونت جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. افغا??ست??ن جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي افغا??ست??ن کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغا??ست??ن جي خ??اب ٿيل اقتصادي صورتحال طرف ڇڪرائڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.