اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ??ان ڪرغستان جي سفير توتايو والانبڪ ا??ان ڪولووڪ ملاقات ڪئي جن??ن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معام??ن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ڪرغستان ??ان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ مذهب، ٻڌي ۽ ثقافت جي لازوال رشتن ۾ ٻڌل آهن، ا??ان ڪرغستان ??ان پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ رابطن جو فروغ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، چين پاڪستان اقتصادي راهداري خطي ۾ اقتصادي سرگرمين جو مرڪز ثابت ٿيندي. هن چيو ته خطي جي ملڪن ۾ ويجها رابطا ۽ حصيداري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي جي ملڪن ۾ ويجهي رابطن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، هن جو چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان ??ان ويجهو هجڻ جي ڪري ڪرغستان وچ ايشيائي رياستن ۽ ان کان ٻاهر گيٽ وي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڪرغستان جي سفير چيو ته سندس ملڪ جا پاڪستان ??ان ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ڪرغستان پاڪستان ??ان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو، پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.