اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته مهانگائي جو بنيادي سبب درآمدي ناڻي واڌ آهي، بدقسمتي ??ان اسان جي ملڪ جو نظام اشرافيا جي لاءِ آهي، انصاف، تعليم، قرض سميت سڀئي سهولتون اميرن ۽ اشرافيا لاءِ هيون، حضرت محمد ﷺ پهرين فلاحي ري??ست ٺاهي پوءِ خوشحالي آئي، ماضي ۾ اختيار ڪيل اهو تصور غلط هو ته پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي ري??ست ٺاهينداسين، انسانيت ۽ انصاف سولائيزيشن جو بنياد آهي، عالمي سطح تي ??يل جي قيمتن ۾ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو پر اسان ليوي ۽ سيلز ٽيڪس ۾ 400 ارب روپين جو ساليانو خسارو برداشت ڪري صرف 22 سيڪڙو اضافو ڪيو، قيمتن ۾ اضافي جو اسان کي احساس آهي، انهي لاءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪمزور طبقن کي ٽاگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون. هو ڪامياب پاڪستان پروگرام جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي ناڻي وارو وزير، وزيرا??ظم جو نوجوانن واري معاملن وارو خاص مددگار عثمان ڊار، پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انوار علي حيدر به خطاب ڪيو. وزيرا??ظم ناڻي واري وزير شوڪت ترين ۽ ان جي ٽيم کي ڪامياب پاڪستان پروگرام جي آغاز تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو پروگرام 74 سال پهرين شروع ٿيڻ گهرجي ها، اسان جي اها سوچ غلط هئي ته پهرين پئسا اچن ۽ پوءِ فلاحي ري??ست ٺاهينداسين، وزيرا??ظم چيو ته مديني جي ري??ست جي ڳالهه اسان دنيا جي ڪامياب ترين ماڊل جي ڪري ڪندا آهيون، اهو تاريخ جو حصو آهي اها هڪ حقيقت ۽ تاريخ آهي ته هڪ اهڙي تهذيب جنهن جي ڪا حيثيت نه هئي، هو دنيا جي امام بڻجي وئي.وزيرا??ظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سنت ۽ شريعت جي پيروي جو حڪم اسان جي بهتري لاءِ آهي، جيڪڏهن اسان ان کي اختيار ڪنداسين ته اسان جو پنهنجو ڪردار بهتر ٿيندو، وزيرا??ظم چيو ته مديني ۾ پهرين فلاحي ري??ست ٺاهي وئي ۽ پوءِ خوشحالي آئي، هن چيو ته چين ۽ هندستان 3، 4 ڏهاڪا اڳ برابر هئا، پر اڄ چين ڀارت جي مقابلي ۾ ترقي جي رستي ??ي تمام اڳتي نڪري چڪو آهي، چين مديني جو ماڊل اختيار ڪيو، پنهنجي ڪمزور طبقن کي مٿي کنيو، غربت جو خاتمو ڪيو انهن ماڻهن لاءِ ڊگهي مدي واري پروگرام ٺاهيا، چين جيتري آبادي غربت مان ڪڍي ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وزيرا??ظم چيو ته اسان جي مثالي اسلامي فلاحي ري??ست ٺاهڻ لاءِ جيڪو بنيادي اصول اختيار ڪرڻ گهرجي ها ان تي ??رف ڌيان نه ڏنو ويو. بدقسمتي ??ان اسان جو ملڪ هڪ مخصوص اشرافيا جو ملڪ بڻجي ويو، اسان جي تعليمي نظام ۾ هڪ مخصوص طبقي لاءِ موقعا هئا، اسان هڪ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻي رهيا آهيون ان تي ??نقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. انصاف، تعليم، قرض، صحت جون سهولتون سڀ اشرافيا جي لاءِ هيون، وزيرا??ظم چيو ته 1700ع ۾ هندستان جو جي ڊي پي 24 سيڪڙو هو، اتي ??ميرن ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار ۾ واضح فرق هو، اميرن جي جزيرن ۽ غريبن جي سمنڊ سان گڏ ڪو به معاشرو ڪامياب نٿو ٿي سگهي، وزيرا??ظم چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي وچولي طبقي کي مٿي آڻيون ان جي لاءِ هائوسنگ جي شعبي ۾ فنانسنگ جو مشڪلاتون ختم ڪيون، ڪمرشل بئنڪن وٽ انفرااسٽرڪچر۽ تربيت جي گهٽتائي جي ڪري اسان ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي مائيڪرو فنانس جي تصور سان اتفاق ڪيو. وزيرا??ظم عمران خان چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام هڪ سنگ ميل ٿيندو، عام ماڻهو جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ قدمن سان برڪت ايندي آهي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ٺاهڻ جو مقصد غريب ماڻهو کي علاج جي مفت سهولت جي فراهمي هو، ان وقت اسان کي چيو ويو ته جيڪڏهن 50 سيڪڙو کان وڌيڪ غريب مريضن جو مفت علاج ڪيو ويو ته اسپتال بند ٿي ويندي، اسان 70 سيڪڙو مريضن جو مفت علاج شروع ڪيو هر گذرندڙ سال اسان کي پاڪستانين پاران ملندڙ عطئي ۾ اضافو ٿيو، هر سال 90 ارب روپيا مفت علاج تي ??رچ ٿي رهيا آهن، اها الله جي برڪت آهي، غريبن جو دعائون الله ٻڌندو آهي، اسان ماضي ۾ ڪمزور ۽ غريب طبقي لاءِ نه سوچيو، حڪومتي نظام اشرافيا لاءِ بڻجي چڪو آهي، ان کي تبديل ڪرڻ تي مزاحمت ٿيندي آهي، وزيرا??ظم چيو ته ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ ايندڙ مسئلن جي مانيٽرنگ لاءِ نظام هجڻ گهرجي، وزيرا??ظم چيو ته حڪومت غربت کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪري رهي آهي، دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته اسان 22 سيڪڙو اضافو ڪيو جن ملڪن ۾ تيل جي پيداوار آهي ان کانسواءِ تيل درآمد ڪندڙن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ سڀني کان گهٽ اضافو اسان ڪيو، ڪڻڪ ۾ دنيا ۾ ستٽيهه سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان صرف 22 سيڪڙو اضافو ڪيو، دنيا ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 40 سيڪڙو جڏهن ته اسان 21 سيڪڙو اضافو ڪيو، قرضن جي باوجود اسان ڪمزور طبقي تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو، پيٽروليم مصنوعات تي ??يلز ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي ڪئي، ان سان ساليانو 40 ارب روپيا خسارو برداشت ڪيو، ان جي مقابلي ۾ هندستان سيلز ٽيڪس ۽ ليوي ۾ گهٽتائي نه ڪئي، وزيرا??ظم چيو ته اسان کي قيمتن ۾ اضافي جو احساس آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٽارگيٽيڊ سبسڊي آڻي رهيا آهيون جنهن تحت روزمره جي استعمال جي شين تي 40 سيڪڙو سبسڊي ڏينداسين، وزيرا??ظم چيو ته اسان 70 سيڪڙو گيهه درآمد ڪندا آهيون، درآمدي ناڻي واڌ جي ڪري مهانگائي آهي.