اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا کي ڇاتي جي ??ينسر بابت آگاهي مهم جي حوالي سان خط لکي چيو آهي ته هو عورتن جي ??اتي جي ??ينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ سول سوسائيٽي جي ??وششن جو ساٿ ڏين ته جيئن مڪمل معلومات جلد سڃاڻپ وقت سر علاج جي ذريعي قيمتي انساني جانين کي موذي مرض جو شڪار ٿيڻ کان بچائي سگهجي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ عورتن ۾ ڪينسر جا 44 سيڪڙو ڪيس ڇاتي جي ??ينسر جا آهن، جلد سڃاڻپ ٿيڻ سان مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو امڪان 98 سيڪڙو آهي، هن چيو ته معاشري ۾ منع ٿيل موضوع هجڻ جي ??ري عورتون مرض جي جلد سڃاڻپ ناهن ڪرائي سگهنديون آهن، جلد سڃاڻپ نه هجڻ سبب ڇاتي جي ??ينسر ۾ مبتلا 50 سيڪ??و عورتون زندگي تان هٿ ڌوئي وهينديون آهن، صدر عورتن کي هر ٽن مهينن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. آگاهي نه هئڻ ۽ پوءِ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ ۾ دير جهڙا معاملا ڇاتي جي ??ينسر کان وڌيڪ موت جو شرح جو سبب بڻجندا آهن. دير سان مرض جي سڃاڻپ ٿيڻ جي ??ري هڪ لک مان 50 هزار عورتون فوت ٿي وينديون آهن، صدر چيو ته بيگم ثيمنه علوي ۽ سندس ٽيم ڇاتي جي ??ينسر بابت آڪٽوبر ۾ ماڻهن کي آگاهي لاءِ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا آهن انهن پروگرام ۾ پاڻ مرض جي سڃاڻپ ۽ مرض جي وقت سر سڃاڻپ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته ميڊيا گذريل سال ماڻهن کي ڇاتي جي ??ينسر جي باري ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ موثر آگاهي مهم هلائي، ميڊيا خبرن، ٽاڪ شوز، ڪالمز ۽ ايڊيٽوريل جي ذريعي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر چيو ته ميڊيا ڇاتي جي ??ينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ سول سوسائيٽي جي ??وششن جو ساٿ ڏي. ميڊيا تنظيمون ڇاتي جي ??ينسر جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي لوگو کي (گلابي) رنگ ڏئي، هن چيو ته اجتماعي ڪوششون عورتن ۾ ڇاتي جي ??ينسر بابت مڪمل آگاهي، مرض جي جلد سڃاڻپ ۽ ان جي باري ۾ باقاعدگي علاج جي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندي.