اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 15 سيپٽمبر تي ڏکڻ وزي??ست??ن ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ??وا??ن جي پوئينرن س??ن ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، هن شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر سوار محمد انتظار، سوار سلمان ۽ سوار ساجد حسين جي وارثن س??ن ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سوار محمد شيراز ۽ لا??س دفعدار اشتياق حسين جي وارثن س??ن به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر عارف علوي نائب رسالدار عامر شڪيل ۽ سوار خرم شهزاد جي وارثن کي به ٽيليفون ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي دعا ڪئي. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.